خـٽـڪ، عـبـدالـجـبار

خـٽـڪ، عـبـدالـجـبار

خٽڪ عبدالجبار

خـٽـڪ، عـبـدالـجـبار: نامياري صحافي، روزاني ’عوامي آواز‘ جي چيف ايڊيٽر ۽ پبلشر ڊاڪٽر عبدالجبار خٽڪ 3 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هن 1986ع ڌاري ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري ورتي. شاگرديءَ واري زماني ۾ هي ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (DSF) جو سرگرم اڳواڻ رهيو. هن ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق جي مارشل لا واري دؤر ۾ مختلف وقتن تي چار سال قيد به ڪاٽيو. 1972ع ۾ ڊاڪٽري پڙهڻ دوران صحافت جو آغاز ڪيائين ۽ اڳتي هلي روزاني سنڌي اخبار ’عوامي آواز‘
جي سرواڻ طور جديد سنڌي صحافت ۾ نالو ڪڍيائين. هن اخبار جي ڇـپـائـيءَ ۾ جـديد ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي وئي. ’عوامي آواز‘ پهرين سنڌي اخبار هئي، جيڪا ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿي پڌري ٿي. سنڌيءَ ۾ پيج ميڪنگ ۽ سنڌي ورڊ پروسيسر جو استعمال به سڀ کان اڳ عوامي آواز اخبار ۾ ڪيو. ڊاڪٽر جبار خٽڪ صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. هن سنڌ پريس انٽرنيشنل (SPI) نالي پهرين سنڌي نيوز ايجنسيءَ جو بنياد وڌو. 1996ع کان 1999ع تائين اي. پي. اين. ايس جو جوائنٽ سيڪريٽري رهيو. ان کان سواءِ ڪائونسل آف نيوز پيپر ايڊيٽرس (PNE) جو ٻه دفعا (2005-2003ع) تائين سيڪريٽري جنرل رهيو. 2006ع ۾ ان ڪائونسل جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. ڊاڪٽر جبار سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسيئيشن (SAFMA) جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو آهي. هن مختلف سماجي تنظيمن سان گڏجي انساني حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي. عبدالجبار خٽڪ عوامي آواز اخبار سان گڏ ”پاڪ“ اخبار به جاري ڪئي. سندس سرپرستيءَ ۾ نڪرندڙ اخبار عوامي آواز ۾ڪم ڪندي ڪيترا صحافي پوءِ مشهور ٿيا ۽ ايڊيٽر بڻيا. ناليوارو صحافي فقير محمد لاشاري، امداد اوڍو، خير محمد جوڻو، غلام نبي چانڊيو، يوسف شاهين، ظهير ميراڻي، اسد چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترا ئي عوامي آواز ۾ ڪم ڪري چڪا آهن. سيپٽمبر 2010ع کان سندس ادارت هيٺ هفتيوار عوامي آواز سنڊي مئگزين پڻ نڪري رهيو آهي، جنهن کي قاسم راڄپر ۽ شاعر رکيل مورائي سنڀاليندا آهن. جبار خٽڪ جي آتم ڪٿاجل مشعل جل‘ 2010ع ۾ ڇپجي چڪي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.09.03  عيسوي

نامياري صحافي، روزاني ’عوامي آواز‘ جي چيف ايڊيٽر ۽ پبلشر ڊاڪٽر عبدالجبار خٽڪ 3 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آصف جيلاني
سردار قريشي
گلڻ خان ڀنڊ
پريم شواڻي
در محمد ڪمال
امداد علي سومرو
برڪاتي مسعود احمد
قاضي اسد عابد
الهورايو بوزدار
خٽڪ عبدالجبار
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون